2 Kings 5:15 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
پوءِ هو اُنهيءَ خدا جي مرد وٽ موٽي آيو، ۽ سندس ساري ٽولي ساڻس گڏ اچي هن جي اڳيان بيهي رهي: ۽ هن چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اسرائيل جي خدا کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي، مهرباني ڪري پنهنجي ٻانهي کان هڪڙو تحفو قبول ڪر.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ نعمان ۽ سندس سمورا نوڪر چاڪر خدا جي ٻانهي وٽ موٽي آيا. نعمان سندس اڳيان بيهي چيو تہ ”هاڻ مون ڄاڻي ورتو تہ خدا جيڪو اسرائيل ۾ آهي تنهن کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪوبہ مبعود ڪونهي. سو مهرباني ڪري هاڻي اوهين پنهنجي ٻانهي کان تحفو قبول ڪريو.“