2 Kings 7:1 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اليشع چيو تہ اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو: خداوند هيئن ٿو فرمائي: تہ سڀاڻي هن وقت ڌاري سامريہ جي در تي ميدي جو هڪڙو ماڻ هڪڙي شيڪل تي وڪامندو، ۽ جَوَن جا ٻہ ماڻ هڪڙي شيڪل تي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن اليشع وراڻيو تہ ”خدا جيڪي فرمائي ٿو سو ٻڌ. هو چوي ٿو تہ ’سڀاڻي هن ئي وقت ڌاري سامريہ شهر جي دروازي تي ميدي جا ٽي ڪلوگرام ۽ جَوَن جا ڇهہ ڪلوگرام چانديءَ جي هڪ هڪ سڪي تي وڪامندا.‘“