2 Kings 7:12 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ بادشاهہ رات جو اُٿيو، ۽ پنهنجي نوڪرن کي چيائين تہ هاڻي آءٌ اوهان کي ڏيکاريندس تہ ارامين اسان سان ڇا ڪيو آهي. هنن کي خبر آهي تہ اسين بکايل آهيون؛ تنهنڪري هو لشڪرگاهہ مان نڪري پاڻ کي جهنگ ۾ لڪائڻ ويا آهن، ۽ دل ۾ چيو اٿن تہ جڏهن هي شهر مان نڪرندا، تڏهن اسين هنن کي جيئرو پڪڙينداسين، ۽ شهر ۾ گهڙنداسين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن اڃا رات ئي هئي جو بادشاهہ اٿيو ۽ پنهنجي عملدارن کي چيائين تہ ”آءٌ اوهان کي ٻڌايان تہ ارامين ڇا رٿيو آهي! هنن کي خبر آهي تہ هتي اسان وٽ ڏڪار آهي، تنهنڪري هو خيمي‌گاهہ مان نڪري جھنگ ۾ وڃي لڪا آهن. سندن خيال آهي تہ پڪ اسان کاڌي جي تلاش ۾ شهر مان نڪرنداسين، تڏهن هو اچي اسان کي جيئرو پڪڙيندا ۽ شهر تي قبضو ڪندا.“