2 Kings 7:13 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هن جي نوڪرن مان هڪڙي ورندي ڏيئي چيو تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ شهر ۾ رهيل گهوڙن مان ڪي ماڻهو پنج گهوڙا کڻن (ڏس، اهي انهيءَ ساري اسرائيل جي جماعت وانگر آهن جي اُنهيءَ ۾ رهجي ويا آهن؛ ڏس، اهي اُنهيءَ ساري اسرائيل جي جماعت وانگر آهن جي مري کپي ويا آهن:) ۽ انهن کي اسين موڪلي ڏيون ۽ سماءُ لهون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سندس عملدارن مان هڪڙي چيو تہ ”هن شهر جي ماڻهن جي حالت اهڙي ئي ٿي ويئي آهي، جيئن ڪي مئل ماڻهو هجن. سو هاڻ ڇونہ باقي وڃي بچيل گھوڙن مان پنجن گھوڙن تي ڪجھہ ماڻهو موڪليون تہ وڃي معلوم ڪري اچن تہ ٿيو ڇا آهي.“