2 Kings 7:18 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ائين ئي ٿيو جيئن انهيءَ خدا جي مرد فرمايو هو، جو چيو هئائين تہ سڀاڻي سامريہ جي دروازي تي هن وقت ڌاري جَوَن جا ٻہ ماڻ هڪڙي شيڪل تي وڪامندا، ۽ ميدي جو هڪڙو ماڻ هڪ شيڪل تي وڪامندو؛
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هائو، اليشع بادشاهہ کي ٻڌايو هو تہ سڀاڻي سامريہ جي دروازي تي هن وقت ڌاري ميدي جا ٽي ڪلوگرام ۽ جَوَن جا ڇهہ ڪلوگرام هڪ هڪ چانديءَ جي سڪي تي وڪاڻبا.