2 Kings 7:19 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ سردار انهيءَ خدا جي مرد کي ورندي ڏيئي چيو هو تہ هاڻي ڏس، جيڪڏهن خداوند آسمان ۾ دريون جوڙيندو تہ بہ اها ڳالهہ ٿي سگهندي ڇا؟ ۽ هن چيو هوس تہ ڏس، تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين مگر انهيءَ مان کائيندين ڪين:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي بادشاهہ جي انهيءَ ذاتي خدمتگار کيس وراڻيو هو تہ ”جيڪڏهن خداوند آسمان جون دريون کولي بہ ڇڏي تڏهن بہ ائين ٿي نہ سگھندو.“ تڏهن اليشع کيس ورندي ڏني هئي تہ ”تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين پر انهيءَ مان کائيندين ڪين.“