2 Kings 7:4 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪڏهن اسين چونداسين تہ شهر ۾ ٿا گهڙون، تہ ڏڪار اڳيئي شهر ۾ آهي، ۽ اسين اُتي مري وينداسين: ۽ جي هتي ماٺ ڪيو ويٺا هونداسين، تہ بہ مري وينداسين. تنهنڪري هاڻي هلو تہ هلي ارامين جي لشڪر جي وچ ۾ پئون: جي هنن اسان کي جيئرو بچايو تہ جيئرا رهنداسين؛ ۽ جي اسان کي ماريائون تہ بہ نيٺ مرنداسين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن شهر ۾ ٿا هلون تہ اتي تہ اڳ ۾ ئي ڏڪار آهي، سو اسين بک سبب مري وينداسين، پر جي هتي ماٺ ڪيو ويٺا هونداسين تہ بہ مري وينداسين. تنهنڪري هاڻي هلي ٿا ارامين جي خيميگاهہ ۾ گھڙون. جيڪڏهن هنن اسان کي جيئرو ڇڏيو تہ ٺيڪ آهي، نہ تہ بہ ماري ڇڏيندا ٻيو ڇا.“