2 Kings 8:12 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن حزائيل چيو تہ منهنجو ڌڻي ڇو ٿو روئي؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ مون کي انهيءَ خرابيءَ جي خبر آهي جا تون بني اسرائيل کي پهچائيندين: هنن جا مضبوط ڪوٽ تون باهہ ڏيئي ساڙيندين، ۽ هنن جا جوان ماڻهو تون ترار سان قتل ڪندين، ۽ هنن جا ننڍڙا ٻار اُڇلائي پرزا پرزا ڪندين، ۽ هنن جي پيٽ وارين زالن جا پيٽ ڦاڙيندين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن حزائيل کانئس پڇيو تہ ”منهنجا سائين! ڇو ٿا روئو؟“ هن ورندي ڏنس تہ ”مون کي انهيءَ نقصان جي خبر آهي جيڪو تون اسرائيل وارن کي پهچائيندين. هنن جا مضبوط ڪوٽ تون باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندين، هنن جا جوان ماڻهو تون تلوار سان قتل ڪندين، هنن جا ننڍڙا ٻار زمين تي اڇلائي اڇلائي ماري ڇڏيندين ۽ هنن جي پيٽ وارين عورتن جا تون پيٽ ڦاڙيندين.“