2 Kings 8:5 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيو تہ جيئن هن بادشاهہ کي پئي ٻڌايو تہ ڪهڙيءَ طرح هن مردي کي وري جيئرو ڪيو هو، تيئن ڏس، اُها زال جنهن جو پٽ هن وري جيئرو ڪيو هو، سا بادشاهہ وٽ پنهنجي گهر ۽ پنهنجيءَ زمين لاءِ دانهن ڪرڻ لاءِ آئي. ۽ جيحازيءَ چيو تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، اِجها اُها زال، ۽ اِجهو سندس پٽ، جنهن کي اليشع جيئرو ڪيو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيحازي بادشاهہ کي ٻڌائي ئي رهيو هو تہ ڪهڙيءَ طرح اليشع مردي کي وري جيئرو ڪيو آهي، تہ ان وقت اُها عورت جنهن جو پٽ اليشع وري جيئرو ڪيو هو سا بادشاهہ وٽ پنهنجي گھر ۽ پنهنجي زمين جي موٽي ملڻ واسطي عرض ڪرڻ لاءِ آئي. تڏهن جيحازيءَ چيو تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! اِجھا، هي آهي اها عورت ۽ سندس اهو پٽ جنهن کي اليشع جيئرو ڪيو هو.“