2 Kings 9:12 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هنن چيو تہ اهو ڪوڙ آهي؛ هاڻ اسان کي ٻڌاءِ. تڏهن هن چيو تہ انهيءَ ماڻهوءَ مون کي هيئن ۽ هيئن چيو، ۽ چيائين تہ خداوند فرمايو آهي تہ مون توکي مسح ڪري اسرائيل جو بادشاهہ ڪيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هنن کيس وراڻيو تہ ”نہ، اسان کي خبر ناهي. تون ٻڌاءِ تہ هن ڇا چيو.“ تڏهن ييهوءَ انهيءَ ماڻهوءَ جي چيل هي ڳالهہ کين ٻڌائي تہ ” خداوند فرمائي ٿو تہ ’مون تو کي مسح ڪري اسرائيل تي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.‘“