2 Kings 9:18 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
اُن موجب هڪڙو ماڻهو گهوڙي تي چڙهي هن کي گڏجڻ ويو، ۽ چيائين تہ بادشاهہ ٿو پڇي تہ خير سلامتي آهي؟ تڏهن ياهوءَ چيو تہ توکي خير سلامتيءَ سان ڪهڙو ڪم آهي؟ تون ڦري منهنجي پٺيان هل. ۽ پهري واري وڃي چيو تہ قاصد هنن وٽ آيو، پر وري نٿو موٽي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن هڪڙو سوار گھوڙي تي چڙهي ييهوءَ سان گڏجڻ لاءِ ويو ۽ کيس چيائين تہ ”بادشاهہ پڇي ٿو تہ ’ڇا توهان جو اچڻ خيري آهي؟‘“ تنهن تي ييهوءَ کيس وراڻيو تہ ”تنهنجو خير سان ڪهڙو واسطو؟ منهنجي پٺيان هل.“ تڏهن هڪڙي پهريدار وڃي بادشاهہ کي اطلاع ڏنو تہ ”قاصد لشڪر تائين پهتو تہ آهي پر واپس ڪونہ ٿو اچي.“