2 Kings 9:21 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ يورام چيو تہ تيار ٿيو. ۽ هنن سندس رٿ تيار ڪيو. ۽ اسرائيل جو بادشاهہ يورام ۽ يهوداہ جو بادشاهہ اخزياہ پنهنجي پنهنجي رٿ تي چڙهي ياهوءَ کي گڏجڻ لاءِ نڪري ويا، ۽ نبوت يزرعيليءَ جي حصي ۾ هن کي وڃي مليا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي يورام حڪم ڏنو تہ ”منهنجي گھوڙي گاڏي تيار ڪئي وڃي.“ هن لاءِ گھوڙي گاڏي تيار ڪئي ويئي. تڏهن اسرائيل جو بادشاهہ يورام ۽ يهوداہ جو بادشاهہ اخزياہ پنهنجي پنهنجي گھوڙي گاڏيءَ ۾ چڙهي ييهوءَ جي استقبال لاءِ نڪري آيا. هو ساڻس انهيءَ زمين جي ٽڪري وٽ گڏيا جيڪو نابوت يزرعيليءَ جي ملڪيت هو.