2 Kings 9:25 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن ياهو پنهنجي لشڪر جي سردار بدقر کي چيو تہ هن کي کڻي نبوت يزرعيليءَ جي ٻنيءَ ۾ اُڇلائي ڇڏ: ڇالاءِ جو ياد هوندءِ تہ جڏهن آءٌ ۽ تون هن جي پيءُ اخي آب جي پٺيان گڏ چڙهيا پئي وياسين، تڏهن خداوند هي بار هن تي رکيو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ييهو پنهنجي لشڪر جي سالار بدقر کي چيو تہ ”هن کي کڻي نابوت يزرعيليءَ جي ٻنيءَ ۾ اڇلائي ڇڏ. تو کي ياد هوندو تہ جڏهن آءٌ ۽ تون يورام جي پيءُ اخياب جي پٺيان گڏ پئي وياسين، تڏهن خداوند اخياب جي خلاف هي لفظ چيا هئا تہ