2 Kings 9:26 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
يقيناً خداوند ٿو فرمائي تہ ڪالهہ مون نبوت جو خون ۽ سندس پٽن جو خون ڏٺو آهي؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ هن ئي ٻنيءَ ۾ آءٌ توکان بدلو وٺندس. تنهنڪري هاڻي هن کي کڻي خداوند جي ڪلام موجب زمين جي اُنهيءَ حصي ۾ اُڇلائي ڇڏ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
’مون ڪالهہ نابوت ۽ سندس پٽن جو خون ڏٺو. سو آءٌ بہ واعدو ٿو ڪريان تہ تو کان بہ هن ساڳي ئي هنڌ تي بدلو وٺندس.‘“ ييهوءَ پنهنجي ساٿيءَ کي وڌيڪ چيو تہ ”سو هاڻي هن جو لاش کڻي انهيءَ زمين ۾ اڇلائي ڇڏ تہ جيئن جيڪي خداوند فرمايو هو سو پورو ٿئي.“