2 Kings 9:27 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ اخزياہ اهو حال ڏٺو، تڏهن باغ واري گهر جو رستو ڏيئي اُٿي ڀڳو. ۽ ياهو اُنهيءَ جي پٺيان پيو ۽ چوندو ويو تہ انهيءَ کي بہ رٿ تي ماري وجهو. تڏهن جُور جي چاڙهي، جا ابلعام جي ڀرسان آهي، تنهن وٽ ماڻهن هن کي ڌڪ هنيو، ۽ هو مجدو ڏي ڀڳو ۽ اُتي وڃي مئو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ اخزياہ اهو حال ڏٺو تہ باغ واري گھر جو رستو ڏيئي وٺي ڀڳو. ييهو ان جو پيڇو ڪيو ۽ رڙيون ڪندي چوندو ٿي ويو تہ ”انهيءَ کي بہ ماريو.“ تڏهن جُور جي چاڙهي، جيڪا ابليعام شهر جي ڀرسان آهي، تنهن وٽ ماڻهن هن کي زخمي ڪري وڌو پر هو مجدو شهر ڏانهن ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ اتي ئي مري ويو.