2 Peter 1:3 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو سندس خدائي قدرت، زندگيءَ ۽ دينداريءَ سان تعلق رکندڙ سڀ شيون، پنهنجي سڃاڻپ جي وسيلي اسان کي بخشيون آهن. هن پنهنجي جلال ۽ نيڪيءَ سان اسان کي سڏيو؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
خدا پنھنجي الاھي قدرت سان اھي سڀ شيون پنھنجي سڃاڻپ جي وسيلي اسان کي ڏنيون آھن، جن جو تعلق زندگيءَ ۽ دينداريءَ سان آھي. ھن اسان کي انھيءَ لاءِ سڏيو آھي تہ جيئن اسين کانئس عظمت ۽ نيڪي ماڻيون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پرڀو يسوع پنهنجي آڪاشي شڪتيءَ سان اهو سڀ اسان کي بخشي ٿو، جيڪو ڌرمچاريءَ سان جيون گذارڻ لاءِ ضروري آهي. اهو سڀ ايشور کي ڄاڻڻ جي وسيلي اسان کي حاصل ٿئي ٿو، جنهن اسان کي پنهنجي ذاتي مهانتا ۽ خوبين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند عيسيٰ پنهنجي الاهي قدرت سان اهو سڀ اسان کي عطا ڪري ٿو، جيڪو دينداريءَ سان زندگي گذارڻ لاءِ ضروري آهي. اهو سڀ خدا کي ڄاڻڻ جي وسيلي اسان کي حاصل ٿئي ٿو، جنهن اسان کي پنهنجي ذاتي عظمت ۽ خوبين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.