2 Peter 2:10 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ خاص ڪري انهن کي جي جسم جي ناپاڪ خواهشن تي ٿا هلن، ۽ حڪومت کي ڪين جهڙو ٿا ڄاڻن، ۽ گستاخ ۽ ضدي آهن، ۽ جلال وارن جي گلا ڪرڻ کان بہ نٿا ڊڄن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
خاص ڪري انھن کي جيڪي جسم جي ناپاڪ خواھشن جي پيروي ٿا ڪن ۽ خدا جي اختياريءَ کي ڪين جھڙو ٿا ڄاڻن. اُھي اھڙا تہ گستاخ ۽ ھٺيلا آھن جو عظيم آسماني ھستين جي گلا ڪرڻ کان بہ نہ ٿا ڊڄن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
خاص ڪري انهن کي جيڪي شرير جي برين خواهشن جي پٺيان لڳي ايشور جي اختياريءَ کي ڪين جهڙو ٿا سمجھن. ساڳئي نموني ڪوڙي سکيا ڏيندڙ بہ اهڙا تہ بي‌ادب ۽ هٺيلا آهن جو آڪاشي هستين جو اپمان ڪرڻ کان بہ نہ ٿا ڊڄن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خاص ڪري انهن کي جيڪي جسم جي برين خواهشن جي پٺيان لڳي خدا جي اختياريءَ کي حقير ٿا سمجھن. ساڳئي نموني ڪوڙي تعليم ڏيندڙ بہ اهڙا تہ گستاخ ۽ هٺيلا آهن جو آسماني هستين جي بي‌حرمتي ڪرڻ کان بہ نہ ٿا ڊڄن.