2 Peter 2:12 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر اهي ماڻهو بي عقل جانورن وانگر آهن، جي رڳو پڪڙجڻ ۽ برباد ٿيڻ جي لاءِ حيوانن جهڙا پيدا ٿيا آهن، ۽ جن ڳالهين کان ناواقف آهن، تن جي نسبت ۾ اجايو سجايو پيا ڳالهائين. هو پنهنجي خرابيءَ ۾ پاڻ چٽ ٿي ويندا،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر اھي ماڻھو بي⁠عقل جانورن وانگر آھن، جيڪي رڳو پڪڙجڻ ۽ ناس ٿيڻ لاءِ پيدا ٿيا آھن ۽ جن ڳالھين کان ناواقف آھن تن جي باري ۾ ڪفر ٿا بڪن. اھي جانورن وانگر ناس ٿي ويندا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهن ڪوڙي سکيا ڏيندڙن جي فطرت بي‌عقل جانورن وانگر آهي، جيڪي رڳو پڪڙجڻ ۽ ناس ٿيڻ لاءِ پيدا ٿيا آهن. اهي ماڻهو جن ڳالهين کان اڻ‌ڄاڻ آهن تن جي باري ۾ گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين. جانورن وانگر اهي بہ ناس ٿي ويندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهن ڪوڙي تعليم ڏيندڙن جي فطرت بي‌عقل جانورن وانگر آهي، جيڪي رڳو پڪڙجڻ ۽ ناس ٿيڻ لاءِ پيدا ٿيا آهن. اهي ماڻهو جن ڳالهين کان ناواقف آهن تن جي باري ۾ گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين. جانورن وانگر اهي بہ ناس ٿي ويندا.