2 Peter 2:20 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اُهي خداوند ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي سڃاڻپ جي ڪري دنيا جي ناپاڪائيءَ کان ڇُٽن ٿا، پر وري بہ انهيءَ ۾ ڦاسي مغلوب ٿا ٿين، تہ انهن جي پوئين حالت پهرينءَ کان خراب ٿي ٿئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سو جيڪي ماڻھو اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي سڃاڻپ جي ڪري دنيا جي بڇڙاين کان بچي ويا آھن، جيڪڏھن اھي وري انھن ۾ ڦاسي پون تہ انھن جي پوئين حالت اڳينءَ کان بہ وڌيڪ خراب ٿيندي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو جيڪي ماڻهو اسان جي پرڀوءَ ۽ مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح کي ڄاڻڻ جي ڪري سنسار جي بڇڙاين کان ڇڏائجي ويا آهن، سي جيڪڏهن وري انهن بڇڙاين جي وس هيٺ اچي ڦاسي پون تہ انهن جي پوئين حالت اڳينءَ کان بہ وڌيڪ خراب ٿيندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو جيڪي ماڻهو اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح کي ڄاڻڻ جي ڪري دنيا جي بڇڙاين کان ڇڏائجي ويا آهن، سي جيڪڏهن وري انهن بڇڙاين جي غلبي ۾ اچي ڦاسي پون تہ انهن جي پوئين حالت اڳينءَ کان بہ وڌيڪ خراب ٿيندي.