2 Peter 2:4 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ تہ جڏهن گناهہ ڪندڙ ملائڪن کي بہ خدا نہ ڇڏيو، پر دوزخ ۾ اُڇلائي وڌائين ۽ اونداهين کڏن ۾ بند ڪيائين، انهي لاءِ تہ عدالت ٿيڻ تائين اتي نظربند رهن:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِجو خدا گناھہ ڪندڙ ملائڪن کي بہ نہ بخشيو، بلڪ کين دوزخ ۾ وڌائين ۽ اونداھين غارن ۾ بند ڪيائين، انھيءَ لاءِ تہ عدالت جي ڏينھن تائين قيد ۾ رھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ لاءِ هي مثال ڏسو تہ ايشور انهن دوتن کي بہ نہ بخشيو جن پاپ ڪيو، بلڪ کين پاتال ۾ وجھي اونداهين غارن ۾ بند ڪري ڇڏيائين، انهيءَ لاءِ تہ عدالت جي ڏينهن تائين قيد ۾ رهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ لاءِ هي مثال ڏسو تہ خدا انهن ملائڪن کي بہ نہ بخشيو جن گناهہ ڪيو، بلڪ کين پاتال ۾ وجھي اونداهين غارن ۾ بند ڪري ڇڏيائين، انهيءَ لاءِ تہ عدالت جي ڏينهن تائين قيد ۾ رهن.