2 Peter 2:5 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ قديم دنيا کي بہ ڪين ڇڏيائين، پر انهيءَ بي دين دنيا تي طوفان آڻي، رڳو راستبازيءَ جي منادي ڪندڙ نوح ۽ ٻين ستن ڄڻن کي بچايائين:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
خدا پراڻي زماني جي ماڻھن کي بہ نہ بخشيو، بلڪ انھيءَ بدڪار دنيا تي طوفان آندائين ۽ رڳو سچائيءَ جي تبليغ ڪندڙ نوح ۽ ٻين ستن ڄڻن کي بچايائين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يا هي ڏسو تہ ايشور پراڻي زماني جي ماڻهن کي نہ بخشيندي انهن بي‌ڌرمين جي سنسار تي ٻوڏ آندي ۽ رڳو سچائيءَ جي پرچار ڪندڙ نوح کي ٻين ستن ڄڻن سميت بچايائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
يا هي ڏسو تہ خدا پراڻي زماني جي ماڻهن کي نہ بخشيندي انهن بي‌دينن جي دنيا تي ٻوڏ آندي ۽ رڳو سچائيءَ جي منادي ڪندڙ نوح کي ٻين ستن ڄڻن سميت بچايائين.