2 Peter 3:12 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ ڪهڙيءَ نہ سڪ سان خدا جي انهي ڏينهن جي اچڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ انهي جي انتظار ۾ رهڻ گهرجي، جنهن جي ڪري آسمان باهہ ۾ سڙي ڳري ويندا ۽ عناصر سخت گرميءَ جي ڪري پگهرجي ويندا؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ان سان گڏ اوھان کي خدا جي انھيءَ ڏينھن جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ گھرجي، بلڪ انھيءَ ڏينھن جي جلد اچڻ جو سبب بڻجڻ گھرجي. انھيءَ ڏينھن جي اچڻ ڪري آسمان باھہ ۾ سڙي ڳري ويندا ۽ آسماني شيون سخت گرميءَ جي ڪري پگھرجي وينديون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيئن تہ اوهين انهيءَ ڏينهن جي اچڻ جو انتظار ڪريو ٿا، جڏهن ايشور اچي عدالت ڪندو، تڏهن اهڙو ئي جيون گذاريو، بلڪ اهڙا عمل پڻ ڪريو جيڪي انهيءَ ڏينهن جي جلد اچڻ جو سبب بڻجن. انهيءَ ڏينهن تي آڪاش باهہ ۾ سڙي ناس ٿي ويندا ۽ آڪاشي شيون سخت باهہ جي ڪري پگھرجي ختم ٿي وينديون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن تہ اوهين انهيءَ ڏينهن جي اچڻ جو انتظار ڪريو ٿا، جڏهن خدا اچي عدالت ڪندو، تڏهن اهڙي ئي زندگي گذاريو، بلڪ اهڙا عمل پڻ ڪريو جيڪي انهيءَ ڏينهن جي جلد اچڻ جو سبب بڻجن. انهيءَ ڏينهن تي آسمان باهہ ۾ سڙي ناس ٿي ويندا ۽ آسماني شيون سخت باهہ جي ڪري پگھرجي ختم ٿي وينديون.