2 Peter 3:17 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهنڪري اي پيارو، جڏهن اوهان کي انهن ڳالهين جي اڳيئي خبر آهي، تڏهن سنڀال ڪريو، متان بدڪارن جي گمراهيءَ ڏانهن ڇڪجي وڃو، ۽ پنهنجي پائيداريءَ کان ڪِري پئو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھنڪري اي عزيزو! جڏھن تہ اوھان کي انھن ڳالھين جي اڳي ئي خبر آھي، تڏھن خبردار رھو، ائين نہ ٿئي جو اوھين بدڪار ماڻھن جي گمراھيءَ ڏانھن ڇڪجي پنھنجي ثابت⁠قدميءَ کي ڇڏي ڏيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهنڪري اي پريميؤ! جيئن تہ اوهان کي انهن ڳالهين جي اڳي ئي ڄاڻ آهي، سو خبردار رهو. ائين نہ ٿئي جو اوهين بي‌ڌرم ماڻهن جي ڀَٽڪي وڃڻ ڏانهن ڇڪجي پنهنجي ثابت قدميءَ کي ڇڏي ڏيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري اي عزيزؤ! جيئن تہ اوهان کي انهن ڳالهين جي اڳي ئي ڄاڻ آهي، سو خبردار رهو. ائين نہ ٿئي جو اوهين بي‌دين ماڻهن جي گمراهيءَ ڏانهن ڇڪجي پنهنجي ثابت قدميءَ کي ڇڏي ڏيو.