2 Peter 3:8 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر اي پيارو، هيءَ هڪڙي ڳالهہ نہ وساريو، تہ خداوند جي اڳيان هڪڙو ڏينهن هزار ورهين جي برابر آهي، ۽ هزار ورهيہ هڪ ڏينهن جي برابر.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر اي عزيزو! ھيءَ ڳالھہ ڪڏھن بہ نہ وسارجو تہ خداوند جي آڏو ھڪڙو ڏينھن ھزار سالن جي برابر آھي ۽ ھزار سال ھڪڙي ڏينھن جي برابر.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر اي پريميؤ! اوهين هيءَ ڳالهہ ڪڏهن بہ نہ وسارجو تہ پرميشور جي اڳيان هڪڙو ڏينهن هزار سالن جي برابر آهي ۽ هزار سال هڪڙي ڏينهن جي برابر.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر اي عزيزؤ! اوهين هيءَ ڳالهہ ڪڏهن بہ نہ وسارجو تہ خداوند جي اڳيان هڪڙو ڏينهن هزار سالن جي برابر آهي ۽ هزار سال هڪڙي ڏينهن جي برابر.