2 Samuel 10:5 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
جڏهن اها ڳالهہ دائود کي وڃي ٻڌايائون تڏهن هن انهن کي گڏجڻ لاءِ ماڻهو موڪليا؛ ڇالاءِ جو اهي ماڻهو ڏاڍا شرمندا هئا. ۽ بادشاهہ چيو تہ اوهين يريحو ۾ ترسي پئو، جيسين ڪ اوهان جون ڏاڙهيون وڌن، پوءِ موٽي اچجو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن دائود کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي، تڏهن هن انهن قاصدن سان ملڻ لاءِ ماڻهو موڪليا. جيئن تہ هو ڏاڍا شرمندا هئا، سو بادشاهہ چوائي موڪلين تہ ”جيستائين اوهان جون ڏاڙهيون نہ وڌن تيستائين اوهين يريحو شهر ۾ ئي ترسي پئو، پوءِ اوهين موٽي اچجو.“