2 Samuel 11:10 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن دائود کي ٻڌايائون تہ اورياہ پنهنجي گهر نہ ويو آهي، تڏهن دائود اورياہ کي چيو تہ تون مسافري ڪري نہ آيو آهين ڇا؟ ڇو پنهنجي گهر نہ وئين؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن دائود کي ٻڌايو ويو تہ اورياہ پنهنجي گھر نہ ويو آهي، تڏهن دائود اورياہ کان پڇيو تہ ”جيئن تہ تون گھڻو سفر ڪري آيو آهين، پوءِ تون پنهنجي گھر ڇو ڪين وئين؟“