2 Samuel 11:25 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن دائود قاصد کي چيو تہ تون يوآب کي هيئن چئجانءِ تہ انهيءَ ڳالهہ ڪري تون متان دلگير ٿين، ڇالاءِ جو ترار جهڙو هڪڙي کي کائي کپائي ٿي تهڙو ٻئي کي: شهر تي زيادہ زور سان جنگ ڪر، ۽ انهيءَ کي جيتي وٺ: ۽ تون کيس دلجاءِ ڏجانءِ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي دائود قاصد کي چيو تہ ”تون وڃي يوآب کي همت ڏياري چئجانءِ تہ ’انهيءَ ڳالهہ جي ڪري تون دلگير نہ ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ جنگ ۾ ڪير بہ مري سگھي ٿو. شهر تي وڌيڪ زور سان حملو ڪر ۽ انهيءَ کي برباد ڪري ڇڏ.‘“