2 Samuel 12:3 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر غريب ماڻهو وٽ ڪي ڪين هو، سواءِ هڪڙي ننڍڙي رڍ جي، جا هن خريد ڪري پالي هئي: ۽ اها ساڻس، ۽ سندس ٻارن سان گڏ رهي وڏي ٿي هئي؛ اها هن جي ماني مان کائيندي هئي، ۽ هن جي پيالي مان پاڻي پيئندي هئي، ۽ هن جي هنج ۾ سمهندي هئي، ۽ هن کي ڌيءَ وانگر هوندي هئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر غريب ماڻهوءَ وٽ ڪجھہ بہ ڪين هو، سواءِ هڪڙي ننڍي رڍ جي، جيڪا هن خريد ڪري پالي هئي. اها رڍ ساڻس ۽ سندس ٻارن سان گڏ رهي وڏي ٿي هئي. اها ساڻس گڏ هڪڙي ئي ٿانوَ مان کائيندي ۽ پيئندي هئي ۽ سمهندي بہ سندس هنج ۾ هئي. اها هن کي ڌيءَ وانگر هوندي هئي.