2 Samuel 12:30 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هن انهي جي بادشاهہ جي مٿي تان ڇٽ لاهي ورتو؛ ۽ اهو وزن ۾ هڪڙو قنطار ٿيو، ۽ ان ۾ قيمتي جواهر لڳل هئا؛ ۽ اهو دائود جي مٿي تي رکيو ويو. ۽ هن شهر جي لٽ مان تمام گهڻو مال آندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن عمونين جي ديوتا مولڪ جي مٿي تان سونو تاج لاهي ورتو، جنهن جو وزن چوٽيهہ ڪلوگرام هو ۽ انهيءَ ۾ هڪ قيمتي هيرو جڙيل هو. اهو هيرو دائود جي تاج ۾ لڳايو ويو. هن شهر مان تمام گھڻو لُٽ جو مال پڻ هٿ ڪيو.