2 Samuel 13:32 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر دائود جي ڀاءُ سمعہ جي پٽ يوندب ورندي ڏئي چيو تہ منهنجو ڌڻي ائين نہ سمجهي تہ سڀيئي جوان شهزادا ماري ڇڏيا اٿن؛ ڇالاءِ جو رڳو امنون مارجي ويو آهي: جو جنهن ڏينهن هن پنهنجي ڀيڻ تمر سان زور زبردستي ڪئي تنهن ڏينهن کان وٺي ابي سلوم اهو ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر دائود جي ڀاءُ سمعہ جي پٽ يوندب چيو تہ ”منهنجا آقا! اوهين ائين نہ سمجھو تہ سڀيئي شهزادا ماريا ويا آهن، بلڪ رڳو امنون کي قتل ڪيو ويو آهي. اهو فيصلو ابي‌سلوم ان ڏينهن ئي ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڏينهن امنون سندس ڀيڻ تمر جي بي‌حرمتي ڪئي هئي.