2 Samuel 13:5 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ يوندب چيس تہ تون پنهنجي هنڌ تي سمهي رهہ، ۽ ڪوڙ ڪري چئُہ تہ آءٌ بيمار آهيان: ۽ جڏهن تنهنجو پيءُ توکي ڏسڻ اچي تڏهن چئينس تہ ڀلائي ڪري منهنجي ڀيڻ تمر کي ڇڏ تہ اچي مون کي ماني کارائي، ۽ منهنجي ڏسندي کاڌو تيار ڪري تہ اهو آءٌ ڏسان، ۽ سندس هٿان کاوان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
يوندب کيس چيو تہ ”تون بيماريءَ جو بهانو ڪري وڃي پنهنجي هنڌ تي سمهي رهہ. جڏهن تنهنجو پيءُ تو کي ڏسڻ اچي تڏهن چئجانس تہ ’ڀلائي ڪري منهنجي ڀيڻ تمر کي مون ڏانهن موڪلي ڏيو، تہ اچي مون کي ماني کارائي. هوءَ منهنجي سامهون کاڌو تيار ڪري تہ آءٌ ڏسان ۽ پوءِ سندس هٿان کاوان.‘“