2 Samuel 14:11 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن زال چيو تہ آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ بادشاهہ خداوند پنهنجي خدا کي ياد ڪري تہ خون جي بدلي وٺڻ وارو وري ڪنهن کي نہ ماري، متان منهنجي پٽ کي ناس ڪري ڇڏين. ۽ هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ تنهنجي پٽ جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن عورت چيو تہ ”اي بادشاهہ! آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن کان دعا گھرو تہ خون جي بدلي وٺڻ وارو متان منهنجي پٽ کي ماري نہ وجھي.“ تنهن تي بادشاهہ چيس تہ ”زندہ خدا جو قسم آهي تہ تنهنجي پٽ جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو.“