2 Samuel 14:19 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن بادشاهہ چيو تہ انهيءَ ساري ڳالهہ ۾ يوآب جو هٿ توسان آهي ڇا؟ ۽ اُنهي زال ورندي ڏيئي چيو تہ تنهنجي جان جو قسم آهي تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، جيڪي منهنجي ڌڻيءَ بادشاهہ فرمايو آهي تنهن کان ڪوبہ ماڻهو نہ سڄي هٿ پاسي ڦري ٿو سگهي نہ کٻي هٿ پاسي: ڇالاءِ جو تنهنجي ٻانهي يوآب مون کي ائين ڪرڻ لاءِ چيو، ۽ انهي اهي سڀ ڳالهيون تنهنجي ٻانهيءَ جي وات ۾ وڌيون:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بادشاهہ پڇيس تہ ”انهيءَ سڄيءَ ڳالهہ ۾ تو سان گڏ يوآب جو بہ هٿ آهي ڇا؟“ عورت ورندي ڏيئي چيو تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! اوهان جي سر جو قسم آهي تہ آءٌ بادشاهہ جي فرمان کان ساڄي يا کاٻي پاسي ڪين ڦرنديس. حقيقت ۾ اوهان جي ٻانهي يوآب ئي مون کي ائين ڪرڻ لاءِ چيو هو ۽ اهي سڀ ڳالهيون انهيءَ ئي اوهان جي ٻانهيءَ کي سيکاريون هيون.