2 Samuel 14:2 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ يوآب تقوع ڏي ماڻهو موڪلي اُتان هڪڙي سياڻي زال گهرائي، ۽ چيائينس تہ ڀلائي ڪري پاڻ کي سوءَ ڪندڙ بناءِ، ۽ سوءَ جو وڳو ڍڪ، ۽ پاڻ کي تيل نہ مک پر اهڙي زال ٿيءُ، جنهن گهڻن ڏينهن تائين ڪنهن مئل جي لاءِ ماتم ڪيو هجي:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن هن تقوع شهر ڏانهن ماڻهو موڪلي اتان هڪڙي سياڻي عورت گھرائي ۽ کيس چيائين تہ ”تون سوڳ ڪرڻ واريءَ جو ويس ڪري ماتمي ڪپڙا پاءِ ۽ پاڻ کي تيل نہ مک، بلڪ اهڙي عورت وانگر ٿيءُ، جنهن گھڻن ڏينهن تائين ڪنهن مئل جي لاءِ سوڳ ڪيو هجي.