2 Samuel 14:32 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ابي سلوم يوآب کي ورندي ڏئي چيو تہ ڏس مون تو ڏي چوائي موڪليو تہ مون وٽ اچ تہ آءٌ توکي بادشاهہ ڏي موڪليان، ۽ چوائي موڪليان تہ آءٌ جسور کان ڇو آيو آهيان؟ اڃا تائين اُتي هجان ها تہ چڱو هو: تنهنڪري هاڻي مون کي بادشاهہ جو منهن ڏسڻ ڏي؛ ۽ جيڪڏهن منهنجو ڪو قصور هجي تہ ڀلي هو مون کي ماري.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ابي‌سلوم يوآب کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جڏهن مون تو ڏانهن چوائي موڪليو تہ مون وٽ اچ، تڏهن تو اچڻ کان انڪار ڪيو. مون چاهيو ٿي تہ تو کي بادشاهہ ڏانهن موڪليان، جيئن تون کيس چوين تہ آءٌ جسُور کان ڇو آيو آهيان. انهيءَ کان چڱو هو تہ آءٌ اتي ئي هجان ها. تنهنڪري هاڻي تون مون کي بادشاهہ جي منهن چڙهڻ ڏي. پوءِ جيڪڏهن منهنجو ڪو قصور هجي تہ ڀلي هو مون کي ماري ڇڏي.“