2 Samuel 14:7 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ ڏس، سارو گهراڻو تنهنجي ٻانهيءَ سان وڙهڻ لاءِ سنبري آيو آهي، ۽ سڀ چوڻ لڳا تہ جنهن پنهنجي ڀاءُ کي ماريو آهي، تنهن جي ٻانهن ڪڍي ڏي، تہ جنهن پنهنجي ڀاءُ جو هن خون ڪيو آهي تنهن جي عيوض ۾ اسين انهيءَ کي ماريون؛ ۽ انهيءَ طرح وارث بہ ماري چٽ ڪري ڇڏيون: پوءِ جيڪو منهنجو ٽانڊو بچيو آهي سو بہ اُجهائي ڇڏيندا، ۽ زمين تان منهنجي مڙس جو نالو نشان مٽائي ڇڏيندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻي سڄو گھراڻو اوهان جي ٻانهيءَ سان وڙهڻ لاءِ سنڀري آيو آهي. اهي چون ٿا تہ ’جنهن پنهنجي ڀاءُ کي ماريو آهي، سو اسان جي حوالي ڪر تہ اسين سندس ڀاءُ جي خون جي عيوض ۾ کيس قتل ڪريون.‘ اهڙيءَ طرح اهي وارث کي بہ ماري ختم ڪري ڇڏيندا. پوءِ جيڪو منهنجو ٽانڊو باقي بچيو آهي سو بہ اجھائي ڇڏيندا ۽ ڌرتيءَ تان منهنجي مڙس جو نالو نشان ئي مِٽائي ڇڏيندا.“