2 Samuel 15:27 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
بادشاهہ صدوق ڪاهن کي هيترو بہ چيو تہ تون غيب ڏسندڙ ناهين ڇا؟ سلامتيءَ سان شهر ۾ موٽي وڃ، ۽ پاڻ سان پنهنجا ٻئي پٽ، اخيمعض تنهنجو پٽ، ۽ يونتن ابياتر جو پٽ، وٺي وڃ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بادشاهہ صدوق ڪاهن کي اهو بہ چيو تہ ”تون سٺو سمجھدار آهين، سو تون پنهنجي پٽ اخيمعض ۽ ابيياتر پنهنجي پٽ يونتن سان گڏ، يعني اوهين ٻيئي پنهنجن پٽن سميت سلامتيءَ سان شهر ڏانهن موٽي وڃو.