2 Samuel 16:1 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن دائود چاڙهيءَ جي چوٽيءَ تان ٿورو اڳتي هليو، تڏهن ڏس، مفيبوست جو ٻانهو ضيبا ٻن زين پيلن گڏهن سان هن کي گڏيو، ۽ انهن تي ٻہ سؤ مانيون، ۽ هڪ سؤ ڪشمش جا ڇڳا، ۽ هڪ سؤ آرڙهہ جا ميوا، ۽ هڪڙي سانداري شراب جي رکيل هئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن دائود جبل جي چوٽيءَ تان ٿورو اڳتي وڌيو، تڏهن مفيبوست جو ٻانهو ضيبا ساڻس اچي مليو. ضيبا سان گڏ ٻہ زين پيل گڏهہ هئا، جن تي ٻہ سؤ مانيون، هڪ سؤ ڪشمش جا ڇڳا، هڪ سؤ تازا ميوا ۽ هڪڙي سانداري مئي جي رکيل هئي.