2 Samuel 17:14 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن ابي سلوم ۽ اسرائيل جي سڀني ماڻهن چيو تہ حوسي ارڪي جي صلاح اخيتفل جي صلاح کان بهتر آهي. ڇالاءِ جو خداوند اهو ارادو ڪيو هو تہ اخيتفل جي چڱي صلاح بہ اجائي ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ هو ابي سلوم تي خرابي آڻي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي ابيسلوم ۽ جيڪي بني اسرائيل وارا ساڻس گڏ هئا، تن چيو تہ ”حوسي ارڪيءَ جي صلاح اخيتفل جي صلاح کان بهتر آهي.“ هي انهيءَ ڪري ٿيو جو خداوند اهو ارادو ڪري ڇڏيو هو تہ اخيتفل جي چڱي صلاح بہ اجائي ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ هو ابيسلوم تي آفت نازل ڪري.