2 Samuel 17:21 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو روانا ٿيا تڏهن اهي انهيءَ کوهہ مان نڪتا، ۽ وڃي دائود بادشاهہ کي خبر ڏنائون، ۽ انهن دائود کي چيو تہ اُٿو، جلدي اهو پاڻي لنگهي پار ٿيو: ڇالاءِ جو اخيتفل اوهان جي نسبت ۾ اها صلاح ڏني آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهن جي وڃڻ کان پوءِ هو ٻئي کوهہ مان نڪري روانا ٿيا ۽ وڃي دائود بادشاهہ وٽ پهتا. پوءِ جيڪا صلاح اخيتفل ابي‌سلوم کي ڏني هئي سا کيس ٻڌايائون ۽ وڌيڪ چيائون تہ ”اُٿو ۽ جلدي درياءُ پار ڪري هليا وڃو.“