2 Samuel 17:3 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ آءٌ سڀ ماڻهو موٽائي تو وٽ وٺي ايندس: جنهن ماڻهوءَ جو تون گهورو آهين، سو اهڙو آهي جهڙو ڄڻ تہ سڀ ماڻهو موٽي مليا: انهيءَ ڪري سڀ ماڻهو صحيح سلامت رهندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ آءٌ سندس سڀني ماڻهن کي موٽائي اوهان وٽ وٺي ايندس، جيئن ڪا ڪنوار پنهنجي گھوٽ وٽ موٽي ايندي آهي. اوهين پڻ رڳو هڪڙي ئي ماڻهوءَ کي مارڻ گھرو ٿا، سو باقي سڀ صحيح سلامت رهندا.“