2 Samuel 17:8 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ حوسيءَ هيترو بہ وڌيڪ چيو تہ تون پنهنجي پيءُ ۽ سندس ماڻهن کي سڃاڻين ٿو تہ زور ڀريا ماڻهو آهن، ۽ اهي دل ۾ اهڙا چڙيل آهن جهڙي ڪا رڇڻ جهنگ ۾ هجي، جنهن جا ٻچا چورائجي ويا هجن: ۽ تنهنجو پيءُ جنگي مرد آهي، ۽ ماڻهن سان نہ رهندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
حوسيءَ وڌيڪ چيس تہ ”اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جو پيءُ ۽ سندس ماڻهو وڏا بهادر آهن. هن وقت اهي اهڙا تہ غضبناڪ ٿي ويا آهن جهڙي ڪا جھنگلي رڇڻ هجي، جنهن جا ٻچا چورائجي ويا هجن. جيئن تہ اوهان جو پيءُ تجربيڪار جنگي مرد آهي، سو هو رات جو ماڻهن سان گڏ نہ ٿو رهي.