2 Samuel 18:12 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ انهيءَ ماڻهو يوآب کي چيو تہ مون کي کڻي هزار چانديءَ جا سڪا هٿ ۾ ملن ها تہ بہ آءٌ بادشاهہ جي پٽ تي پنهنجو هٿ نہ هلايان ها: ڇالاءِ جو اسان جي ٻڌندي بادشاهہ توکي، ۽ ابيشيءَ کي، ۽ اِتيءَ کي، تاڪيد ڪري چيو هو تہ خبردار رهجو متان انهيءَ جوان ماڻهوءَ ابي سلوم کي ڪوبہ هٿ لائي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر انهيءَ ماڻهوءَ يوآب کي ورندي ڏني تہ ”جيڪڏهن منهنجي هٿ تي چانديءَ جا هزار سڪا بہ رکيا وڃن ها، تہ بہ آءٌ بادشاهہ جي پٽ تي پنهنجو هٿ نہ کڻان ها. ياد ڪر، اسان جي روبرو بادشاهہ تو کي، ابي‌شيءَ کي ۽ اِتيءَ کي تاڪيد ڪري چيو هو تہ ’منهنجي خاطر انهيءَ جوان ابي‌سلوم جو بچاءُ ڪجو.‘