2 Samuel 18:28 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اخيمعض وڏي سڏ بادشاهہ کي چيو تہ ٻيو سڀ خير آهي. ۽ هن منهن زمين تي رکي بادشاهہ جي اڳيان سجدو ڪيو، ۽ چوڻ لڳو تہ خداوند تنهنجو خدا برڪت وارو هجي، جو جن ماڻهن منهنجي ڌڻي بادشاهہ تي پنهنجو هٿ کنيو تن کي هن اسان جي حوالي ڪيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن اخيمعض رڙ ڪري بادشاهہ کي چيو تہ ”بادشاهہ سلامت رهو.“ پوءِ زمين تي منهن رکي بادشاهہ کي تعظيم ڏنائين ۽ چوڻ لڳو تہ ”واکاڻ هجي خداوند خدا جي جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن اسان کي انهن ماڻهن تي فتح بخشي جن منهنجي آقا بادشاهہ سان بغاوت ڪئي هئي.“