2 Samuel 18:32 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ بادشاهہ ڪوشيءَ کي چيو تہ جوان ماڻهو ابي سلوم سان تہ خير آهي؟ ۽ ڪوشيءَ ورندي ڏني تہ منهنجي ڌڻي بادشاهہ جا دشمن، ۽ جي توکي ايذاءُ رسائڻ لاءِ تنهنجي برخلاف کڙا ٿين، تن جو شل اهڙو حال ٿئي جهڙو انهي جوان ماڻهو جو ٿيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بادشاهہ سوڊانيءَ کان پڇيو تہ ”اهو جوان ماڻهو ابي‌سلوم تہ سلامت آهي نہ؟“ سوڊانيءَ ورندي ڏني تہ ”منهنجي آقا بادشاهہ جا دشمن ۽ جيڪي تو کي نقصان رسائڻ لاءِ تنهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿين، تن جو شل اهڙو حال ٿئي جهڙو انهيءَ جوان ماڻهوءَ جو ٿيو آهي.“