2 Samuel 19:11 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ بادشاهہ دائود، صدوق ۽ ابياتر ڪاهنن کي سڏائي چيو، تہ يهوداہ جي بزرگن کي چئو تہ ڇو اوهين بادشاهہ کي پنهنجي گهر موٽائي آڻڻ ۾ سڀني کان پوءِ پيا آهيو؟ جڏهن ڏسو ٿا تہ سڀني اسرائيلين بادشاهہ کي موٽي پنهنجي گهر اچڻ لاءِ چيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن اها خبر دائود بادشاهہ کي پيئي، تڏهن هن صدوق ۽ ابيياتر ڪاهنن جي هٿان بني يهوداہ جي سردارن کي چوائي موڪليو تہ ”ڇو اوهين بادشاهہ کي پنهنجي تخت تي موٽائي آڻڻ ۾ سڀني کان پٺتي پئجي ويا آهيو؟ جڏهن تہ بادشاهہ تائين اها خبر پهچي ويئي آهي تہ سڄو بني اسرائيل چوي ٿو تہ بادشاهہ کي موٽائي پنهنجي تخت تي آڻجي.
Recommended Reading