2 Samuel 19:35 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
آءٌ اڄ اسي ورهين جو آهيان: آءٌ چڱي ۽ بڇڙي جي وچ ۾ تميز ڪري سگهان ٿو ڇا؟ جيڪي آءٌ کاوان ٿو، يا پيئان ٿو، انهيءَ جو مزو تنهنجو ٻانهو چکي سگهي ٿو ڇا؟ آءٌ ڪو هاڻي ڳائيندڙ مردن ۽ زالن جو آواز ٻڌي سگهان ٿو ڇا؟ تڏهن ڇو تنهنجو ٻانهو منهنجي ڌڻي بادشاهہ تي اڃا بہ بوجو ٿي پوي؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اڄ آءٌ اسي سالن جو آهيان. ڇا آءٌ چڱي ۽ بڇڙي جي وچ ۾ تميز ڪري سگھان ٿو؟ ڇا اوهان جي هن ٻانهي کي کائڻ يا پيئڻ مان ڪو مزو اچي سگھي ٿو؟ ڇا آءٌ ڪو هاڻي ڳائيندڙ مردن ۽ عورتن جو آواز ٻڌي سگھان ٿو؟ تہ پوءِ ڇو اوهان جو ٻانهو پنهنجي آقا بادشاهہ تي بار ٿي پوي؟