2 Samuel 19:37 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي ٻانهي کي ڇڏ تہ موٽي وڃان، تہ آءٌ پنهنجي شهر ۾، پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ماءُ جي قبر جي پاسي ۾ وڃي مران. پر ڏس، تنهنجو غلام ڪمهام، ڀلي تہ اهو منهنجي ڌڻيءَ بادشاهہ سان گڏجي پار لنگهي؛ ۽ جيڪي توکي وڻي سو انهيءَ سان ڪر.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو پنهنجي ٻانهي کي موٽي وڃڻ جي اجازت ڏيو، تہ آءٌ پنهنجي شهر ۾ وڃي زندگيءَ جا باقي ڏينهن پورا ڪريان، جتي منهنجي ماءُ پيءُ جي قبر آهي. باقي منهنجو آقا بادشاهہ پنهنجي هن ٻانهي جي پٽ ڪمهام کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي رهائي ۽ جيڪي اوهان کي وڻي سو انهيءَ لاءِ ڪريو.“