2 Samuel 19:6 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
جو تون انهن کي پيار ڪرين ٿو جي توکي ڌڪارين ٿا، ۽ انهن کي ڌڪارين ٿو جي توکي پيار ٿا ڪن. ڇالاءِ جو تو اڄوڪي ڏينهن ظاهر ڪيو آهي، تہ سردار توڙي ٻانها، تنهنجي اڳيان ڪي ڪين آهن: ڇالاءِ جو اڄ آءٌ ڏسان ٿو تہ جي ابي سلوم جيئرو هجي ها، ۽ اسين سڀ مري وڃون ها تہ جيڪر تون ڏاڍو خوش ٿين ها.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تون انهن کي پيار ٿو ڪرين جيڪي تو کي ڌڪارين ٿا ۽ انهن کي ڌڪارين ٿو جيڪي تو کي پيار ٿا ڪن. اڄوڪي ڏينهن تو اهو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي تہ سالار توڙي تنهنجا سپاهي، تنهنجي اڳيان ڪجھہ بہ ڪين آهن، ڇاڪاڻ تہ اڄ آءٌ ڏسان ٿو تہ جيڪڏهن ابيسلوم جيئرو هجي ها ۽ اسين سڀ مري وڃون ها تہ جيڪر تون ڏاڍو خوش ٿئين ها.