2 Samuel 2:1 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود خداوند کان پڇيو تہ آءٌ يهوداہ جي ڪنهن شهر ۾ چڙهي وڃان يا نہ؟ ۽ خداوند هن کي چيو تہ ڀلي وڃ. ۽ دائود چيو تہ ڪيڏانهن وڃان؟ هن چيو تہ حبرون ڏي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن کان پوءِ دائود خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ يهوداہ جي ڪنهن شهر ۾ هليو وڃان؟“ خداوند چيس تہ ”ڀلي وڃ.“ دائود وري پڇيو تہ ”ڪيڏانهن وڃان؟“ خداوند وراڻيس تہ ”حبرون ڏانهن.“